صحرائي ڦِــدي

صحرائي ڦِــدي

صحرائي ڦـدي

صحرائي ڦِــدي (پکي): صحرائي ڦِدي، جھرڪيءَ جيڏو ننڍو پکي آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Desert wheatear ۽ سائنسي زبان ۾ Oenanthe Deseriti چيو ويندو آهي. اڳ ۾ هي پکي Turdidae خاندان ۾ شمار ڪيو ويندو هو، پر جديد تحقيق موجب هي پکي Musticapidae خاندان ۾ شامل آهي. هي سيلاني پکي آهي، موسم مطابق مختلف علائقن ۾ رهڻ پسند ڪندو آهي.هن جي مجموعي جسامت 14.5 کان 15 سينٽي ميٽر ٿئي ٿي. هن پکيءَ جو پڇ سڄو ڪارو، ماديءَ جي مٿين سطح سليٽي ۽ هيٺين سطح ڀوري رنگ جي ٿئي ٿي. ماديءَ جي ڳچيءَ تي ڪارو داغ هوندو آهي، جڏهن ته نر جي جت مٿين سطح ميٽوڙي، ڀوري رنگ جي، اندريون حصو ڀوراڻ مائل، منهن ۽ ڳچيءَ کان ڪلهي تائين هلڪو ڪارو داغ ٿئي ٿو. اولهه ۾ رهندڙ صحرائي ڦِدي گھڻو وقت صحرا ريگستان ۽ عرب جي وارياسن علائقن ۾ گذاري ٿي. ننڍي کنڊ ۾ هي پکي پاڪستان، خاص ڪري سنڌ جي وارياسن علائقن ۾ ججھي تعداد ۾ نظر ايندو آهي. ان کانسواءِ اتر اوڀر آفريڪا ۾ به هن پکيءَ جو وڏو تعداد ملي ٿو. هي پکي نسلي واڌ ويجھه به وارياسن علائقن ۾ ڪندو آهي ۽ هن جي خوراڪ جيت آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو